سائنس جي سکيا

سائنس جي سکيا

سائنس جي سکيا

سائنس جي سکيا (ڪتاب): هي ڪتاب نامور ليکڪن ڊاڪٽر ظفر اقبال، ڊاڪٽر عبدالرشيد ۽ حافظ محمد الياس جي گڏيل تصنيف آهي. هن ڪتاب جي فهرست ٽن ڀاڱن ۾ ڏني وئي آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سائنس ۽ ان جي اهميت، اسلام ۽ سائنس، سائنس پڙهڻ جو طريقو، سائنس جي تدريس جو سامان ۽ استعمال، سمعي ۽ بصري امدادي شيون ۽ جائزو عنوان شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ حياتيات ۽ ان جون شاخون، جاندارن ۾ فرق ۽ گروهه بندي، ٻوٽن ۽ جانورن مان فائدا ۽ نقصان، ڍڪيل ٻجن وارن ٻوٽن جا مختلف حصا ۽ انهن جا ڪم، جاندار ۽ انهن جو کاڌو، ٻج ۽ انهن جو پکڙجڻ، جاندارن جي اوسر، ٻوٽن ۽ جانورن جو ماحول يا رهائش ۽ ان جون طبعي حالتون- عنوانن وارو مواد شامل آهي، جڏهن ته ٽئين ڀاڱي ۾ مادو، پاڻي، هوا، گرمي، آواز، مشينون، بيٺل (ساڪن) بجلي، چرپر، روشني جي نوعيت، مقناطيسيت، ڪائنات ۽ زمين عنوان ڏنا ويا آهن. ڊيمي سائيز ۾، پڪي جلد سان هي ڪتاب 255 صفحن تي مشتمل آهي. هي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري، 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 28 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو